ڏگو فيروز علي آناڻي

ڏگو فيروز علي آناڻي

فيروز علي آناڻي ڏگو

فيروز علي آناڻي ڏگو (گائڪ): فيروز علي ولد استاد حسين بخش خان ڏگي جو جنم 1950ع ڌاري سخي پير ڪالوني، حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي والد حسين بخش ڏگي کان ورتي، جنهن کان پوءِ هن ڪلاسيڪل راڳ جي تعليم استاد علم الدين ۽ استاد رمضان علي خان کان حاصل ڪئي، جيڪي خانصاحب استاد خير محمد خان جا شاگرد هئا. 1964ع ۾ پروڊيوسر غلام حسين شيخ جي زماني ۾، هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي متعارف ٿيو. ريڊيو تي کيس آڻڻ وارو ممتاز مرزا هو. ممتاز مرزا کيس مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي هڪ فنڪشن ۾ ڳائيندي ٻڌو هو. ان وقت حميد آخوند، خواجه امداد ۽ پير اسحاق جان سرهندي به موجود هئا. ممتاز مرزا، فيروز عليءَ کي پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر جي پروگرام ’سنڌ سينگار‘ ۾ پڻ ڳارايو هو. فيروز عليءَ جا ستن کان وڌيڪ البم پارس ڪمپني رليز ڪيا آهن، جن ۾ 6 مارواڙي ٻوليءَ ۾ ۽ هڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو